آسٽريليا جي شھر سڊني ۾ سمنڊ ڪناري تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 12 شھري مارجي ويا
(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي شھر سڊني جي سمنڊ ڪناري تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 12 شھري مارجي ويا، جڏھن ته ھڪ حملا آور موقعي تي مارجي ويو ۽ ھڪ کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
پرڏيھي خابرو اداري موجب فائرنگ جو واقعو سڊني شھر جي سمنڊ ڪناري تي پيش آيو، جتي ٻن ھٿياربندن شھرين تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا، جڏھن ته ٻن پوليس اھلڪارن سميت 29 ڄڻا پڻ زخمي ٿيا آھن.
آسٽريلوي پوليس واقعي کي دھشتگردي قرار ڏيندي ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ ھڪ فائرنگ ڪندڙ به شامل آھي، جڏھن ته هڪ حملا آور کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو يھودين جي ڏڻ جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب دوران پيش آيو، فائرنگ بعد پوليس علائقي کي گھيري ۾ آڻي مقامي آبادي کي سمنڊ ڪناري کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
