دادو: نجم ڪالوني ۾ مدرسي پڙهڻ لاءِ آيل ٻارڙي سان مبينا بدفعلي، نينگر اسپتال منتقل
دادو (رپورٽ: منصور چانڊيو) ٻارڙو وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سب انسپيڪٽر بشير وگهيو ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منڇي شاهنواز وگهيو جو سئوٽ ٻڌايو پيو وڃي.
7 سالا ٻارڙي عميس ولد رضا محمد عرف نظير وگهيو سان مدرسي جي نائب پيش امام سڌير سوڍر مبينا زيادتي ڪئي
متاثر ٻارڙي جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي، اي سيڪشن ٿاڻي پاران ليٽر جاري ڪري ٻارڙي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو
نينگر جي والد جي شڪايت تي نائب پيش امام سڌير سوڍر سميت ٽن ڄڻ خلاف اين سي داخل پوليس ٻڌايو ته ملوث جوابدارن جو تعلق ميهڙ سان ٻڌايو پيو وڃي
