نئون ديرو: مقتول عبدالستار ڀٽو جي قتل ۾ گهربل هڪ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو
نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھه مهينا اڳ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن عبدالستار پٽ غلام مصطفي ڀٽو قتل ٿي ويو هو جنهن جي ايف آءِ آر مقتول جي گهرواري مسمات آمنه خاتون جي فرياد تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي، ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار الله ڏنو پٽ فاروق ڀٽو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي
