انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
(ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ٿيل انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، برسات سبب ٽاس ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پيو ۽ ميچ 49 اوورز تائين محدود ڪئي وئي.
ڀارتي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 46.1 اوورن ۾ 240 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ پاڪستان ٽيم 150 رنسن تي ڍير ٿي وئي، واضح رھي ته پاڪستان پهرين ملائيشيا، ڀارت يو اي اي کي شڪست ڏني هئي.
