جڏھن به باني پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي ڪال ايندي اسان نڪري پونداسين: سهيل آفريدي
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي ته جڏھن به باني پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي ڪال ايندي اسان نڪري پونداسين.
ڪوھاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سھيل آفريدي جو چوڻ ھو ته ملڪ ۾ جلد ئي رڳو پي ٽي آءِ باني جي حڪومت ھوندي، صوبي مان ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو ڪنداسين.
ھن چيو ته خيبرپختونخواهه طرف آڱر کڻندڙ پھرين پنھنجي صوبي ۾ ڪرپشن ڏسن، پنجاب ۾ ھزارين اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رھي آھي.
سھيل آفريدي جو چوڻ ھو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي ڀينرن کي جعلي ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آھي، اسان پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائينداسين.
