خيرپور: نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر امام ڏنو اڄڻ تي نامعلوم ماڻهن جو حملو
خيرپور: (رپورٽ: زبير سومرو) ڊرٻ ميهر شاهه ۾ نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر امام ڏنو اڄڻ تي نامعلوم ماڻهن پاران تشدد ڪيو ويو، جنهن بعد علائقي جي صحافين ۾ سخت بيچيني ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي.
متاثر صحافي جو چوڻ آهي ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ پي پي ايڇ آءِ اسپتال جي ايمبولينس ڊرائيور خلاف خبرون لکيون هيون، جنهن بعد کيس اوچتو حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
امام ڏنو اڄڻ چيو ته سنڌ ۾ حق ۽ سچ لکندڙ صحافين تي تشدد، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيڪو پريس جي آزادي تي کليل وار آهي.
خيرپور: ڊرٻ ميهر شاهه ۽ ڀرپاسي جي مختلف پريس ڪلبن جي صحافين پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.
صحافين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا۔
