ريتي ۾ يوسي چيئرمين پاران درگاهه جمن شاهه تي مٽي لهرائڻ جو ڪم شروع

WhatsApp Image 2025-10-25 at 20.21.26_13a9246e

ريتي (رپورٽ: اسد زمان چاچڙ ) يونين ڪائونسل ريتي جي چيئرمين فياض خان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ درگاهه جمن شاهه جي اڱڻ تي ڀرا لاءِ هڪ هزار ٽريالي مٽي لهرائڻ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي.

يوسي چيئرمين فياض خان چاچڙ جو چوڻ آهي ته درگاهه جمن شاهه جو اڱڻ روڊ کان هيٺ هجڻ سبب برساتي پاڻي بيهڻ سان زائرين کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، جنهن ڪري يوسي جي فنڊ مان مٽي لهرائي درگاهه جي اڱڻ جي سطح روڊ برابر ڪرائي رهيا آهيون، جنهن لاءِ هڪ هزار ٽريالي يوسي جي فنڊ مان منظور ڪئي آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ پاران به ريتي لاءِ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون ڏنيون آهن، جن مان ڪجهه مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ڪجهه تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ به نيون اسڪيمون ڏنيون وينديون.

هوڏانهن علائقي واسين ممتاز لاشاري، عبدالحق لاشاري، اختر چاچڙ، محرم شاهه، اڪبر چاچڙ، نواب چاچڙ، مٺو چاچڙ ۽ ٻين چيو ته چيئرمين فياض خان چاچڙ جي محنت سان ريتي ۾ نمايان تبديليون آيون آهن. فياض خان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ شهر جي حالتن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن ۽ اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به عوامي ڀلائي جا ڪم جاري رکندو. علائقي واسين پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ جو پڻ شڪريو ادا ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *