خيرپور: ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ پ پ طرفان وساڻ هائوس تي تقريب منعقد، ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي ياد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جيالن طرفان وساڻ هائوس خيرپور ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن، عورتون ۽ نوجوان شامل ٿيا.
تقريب جي شروعات ملڪي قومي تراني سان ڪئي وئي، ان بعد ميڻ بتيون ٻاري ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا
ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن زاهد ڳنڀير، غلام رسول سومرو، شازيه شاهه، انجم عباسي، امداد خاصخيلي، سليم جوکيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارساز سانحو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ دردناڪ باب آهي، جنهن ۾ بيگناهه ڪارڪن جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجو نفعو نقصان نه ڏٺو.
اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جو رت ملڪ ۾ جمهوريت، آئيني بالادستي ۽ حق جي جدوجهد جو ضامن آهي.
