قاضي احمد: عورتن جي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ 6 ڊوائس ايجنٽ سوگها ڪيس داخل

WhatsApp Image 2025-10-17 at 18.29.19_b0505c41

قاضي احمد (رپورٽ: جاويد سيال ) قاضي احمد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن لاءِ آيل امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام هيٺ 6 ڊوائيس ايجنٽن کي قاضي احمد پوليس گرفتار ڪري مٿن سرڪار جي مدعيت ۾ 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا.

گرفتار ٿيلن ۾ پير اسد، پير رياض، عامر دائودپوٽو، صابر، اشفاق ۽ لياقت اوٺو شامل آھن، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڳجھي اطلاع تي بسپ پاران لڳايل ڪئمپ تي ڇاپو هنيو ويو.

داخل ٿيل ڪيس موجب ثبوتن تحت 6 ڊوائيس ايجنٽن کي پڪڙيو ويو جن وٽان ڪٽوتي جي رقم، جيز ڊوائيس، موبائل فون ھٿ آيا، جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل عورتن جي پئسن مان ھڪ ھزار روپيا غيرقانوني ڪٽوتي ڪري رھيا ھئا.

هوڏانهن ڊوائيس ھولڊرن پاران گرفتاري سبب ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڊوائيس بند ڪري ڇڏيا جنھن سبب سوين عورتون واپس روانيون ٿي ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *