صدر مملڪت آصف علي زرداري جي ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد شهيد جي گهر آمد، تعذيت جو اظهار

Annotation 2025-10-16 171747

(ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري شهيد جي بلند درجو ۽ خاندان جي صبر جي دعا ڪري، ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد شهيد جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪئي.

صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن جي بڇڙن ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آهي، قوم پنهنجي بهادر پٽن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.

هن وڌيڪ چيو ته شهيدن جي قربانين کي ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ صدر سان گڏ هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *