گهارو واسي نوجوان رياض ناهيو پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ ظاهر
گهارو (رپورٽر) سان تعلق رکندڙ نوجوان رياض ناهيو مبينا طور تي 23 ڏينهن اڳ گلشن حديد مان گم ٿي ويو هو، پوليس پاران مقابلي جي ڪيس ۾ ظاهر ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته کيس پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته رياض ناهيو سان سندس دوست قربان خاصخيلي به گڏ هو، جنهن کي پوليس اڳ ئي 5 ڏينهن بعد مقابلي ۾ ظاهر ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.
رياض ناهيو جي گهر ڀاتين موجب هو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث نه هو ۽ سندس خلاف داخل ڪيل ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏنو پيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته رياض ناهيو سماج سڌارڪ نوجوان آهي، جيڪو مختلف سماجي سرگرمين سان لاڳاپيل رهيو آهي
ياد رهي ته نوجوان رياض ناهيو جي گمشدگيءَ بعد وارثن ۽ سندس ساٿين طرفان گهارو ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڇهھ ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو، جڏهن ته مقامي سطح تي پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.
رياض ناهيو جي ڀائرن جو چوڻ آهي ته هو قانوني طريقي سان پنهنجو دفاع ڪندا ۽ عدالتن تي اعتماد رکن ٿا ته انصاف ضرور ملندو.
ٻئي طرف پوليس طرفان هن معاملي تي سرڪاري سطح تي اڃا تائين ڪا وضاحت سامهون نه آئي آهي، ۽ نه ئي رياض ناهيو جي گرفتار ٿيڻ بابت وڌيڪ تفصيل مهيا ڪيا ويا آهن.
