پهريون ٽيسٽ: قومي ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
(ويب ڊيسڪ) پاڪستان قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن سان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن جي شروعات ڏکڻ آفريڪا جي بيٽسمين ريان ريڪيون ۽ ٽوني ڊي زوزي ڪئي، پر ڊي زوزي پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ شاهين شاهه آفريدي جو شڪار ٿيو.
ان کانپوءِ نعمان علي پهريان ٽرسٽن اسٽبس ۽ پوءِ ڊيوڊ بريوس کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ساجد خان ڏکڻ آفريڪا جي سيٽ بيٽسمين ريان ريڪيون کي 45 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ڪيو.
ٻئي اننگز ۾ نعمان علي ۽ شاهين شاهه آفريدي 4-4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ساجد علي ٻه وڪيٽون ورتيون، نعمان علي ميچ ۾ ڪل 10 وڪيٽون ورتيون.
ياد رهي ته راند جي ٽئين ڏينهن تي ڏکڻ آفريقي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ لنچ جي وقفي کان اڳ ئي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان جي پهرين اننگز ۾ 378 رنسن جي جواب ۾ صرف 269 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻي اننگز 109 رنسن جي برتري سان شروع ڪئي ۽ ٽئين ڏينهن کان اڳ 167 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن سان ڏکڻ آفريڪا کي فتح لاءِ 277 رنسن جو هدف ڏنو ويو هو.
ڏکڻ آفريقي ٽيم راند جي ٽئين ڏينهن جي آخر تائين پنهنجي ٻئي اننگز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهيون هيون. ڪپتان ايڊن مارڪرم 3 ۽ وين مولڊر بنا ڪنهن رنسن جي آئوٽ ٿيا.
