ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

Screenshot (4)

ڪراچي (رپورٽ: باقر حسين سمون) جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو مخلص، وفادار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو،آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي کي مضبوط ڪرڻ ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته مرحوم آغا سراج دراني جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون،آغا سراج دراني عوامي خدمت کي پنهنجي سياست جو مرڪز بڻايو، سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ربِ ڪائنات مرحوم آغا سراج دراني جا درجا بلند فرمائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *