ميهڙ: ايس يو پي جي سڏ تي زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

Screenshot (3)

ميهڙ (رپورٽ: ساحل ارشاد سومرو) آبادگارن، ھارين ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران رائيس ڪئنال، ڪڪول واهه، قائم شاخ سميت ٻين واھن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او ۽ ٻين پاران پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف سڪندر سوڍر، حبيب حضوري، مجيد سوڍر، امجد سولنگي، سرور سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي  احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون.

ڌرڻي بعد ميهڙ باءِ پاس کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو ريلي ۾ شامل ماڻهن ڪڪول واهه سميت ميهڙ جي واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف شديد نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميهڙ ۾ رائيس ڪئنال ، ڪڪول واه ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي جي سخت کوٽ آهي آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب ڪجهه هنڌن تي تيار ٿيل فصل سوڪهڙي جو شڪار آهن جنهن سبب آبادگار، هاري پريشان آھن.

هنن الزام ھندي چيو ته آپباشي کاتي جا عملدار پاڻي پئسن تي وڪرو ڪري رهيا آهن ماڻهو پنهجي فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پريشان آهن دريائن اندر ٻوڏ اچڻ باوجود فصل لاءِ پاڻي ناهي ھڪ طرف ساريالو فصل تيار ٿي سارين جو لابارو ھلي پيو پر اسان وٽ ھن وقت تائين سارين جي فصل لاءِ پاڻي نه ملي سگھيو آھي.

هنن گهر ڪئي آهي ته ميهڙ ۾  رائيس ڪئنال ، ڪڪول واه ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگار ۽ ھارين جي بيچيني دور ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *