نعمان علي عبدالقادر جو 37 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اسپنر نعمان علي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ اڳوڻي ليجنڊ اسپنر عبدالقادر جو 37 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
نعمان علي 5 ٽيسٽ سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني بالر بڻجي ويو، هن پنهنجي ڪيريئر جي 16 هين کان 20 هين ٽيسٽ ۾ 46 وڪيٽون ورتيون.
عبدالقادر 1987 ۽ 88 ۾ پنهنجي ڪيريئر جي 48 هين کان 52 هين ٽيسٽ ۾ 44 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان جو نعمان علي گذريل 12 مهينن ۾ دنيا جو سڀ کان ڪامياب اسپنر پڻ آهي.
