خيرپور: لقمان اوور هيڊ پل وٽان ڪارگو ۽ موٽرسائڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو
خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) لقمان اوور هيڊ پل وٽ تيز رفتار ڪارگو جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان پرويز ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيو.
عيني شاهدن موجب ڪارگو گاڏي بي قابو ٿي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب نوجوان روڊ تي پري وڃي ڪِري پيو.
اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي فوري طور تي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي آهي.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اوور هيڊ پل خستا حال هجڻ سبب روڊ جي حالت خراب آهي، جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
شهرين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته پل جي مرمت ۽ روڊ جي بحالي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، جيئن انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.
پوليس واقعي جو اطلاع ملڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪارگو ڊرائيور واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.
