اڊيالا جيل جي هڪ قيدي پاران باني پي ٽي آءِ جهڙين سهولتن لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست
( ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيد هڪ قيدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته جيئن پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني کي جيل ۾ سهولتون مهيا ڪيون ويون اهڙيون مون کي به سهولتون ڏنيون وڃن.
محمد عرفان پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو سيڪشن 302 جي تحت قتل جي ڪيس ۾ 25 سال قيد جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.
درخواستگذار چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي اعليٰ درجي جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، پر هر ڀيري ان کي رد ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ جي باني کي نه رڳو اعليٰ معيار جي رهائش ۽ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، پر ان کي ملاقاتن لاءِ خاص اجازت پڻ آهي، جڏهن ته ٻين قيدين کي اهڙيون سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون.
قيدي درخواست ڪئي ته عدالت ڌرين کي هدايت ڪري ته کيس باني پي ٽي آءِ ملندڙ سهولتون جهڙيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن آئين تحت برابري واري سلوڪ جي اصول تي عمل ڪيو وڃي.
