مذهبي جماعت جو احتجاج ختم، 6 ڏينهن کان بند پيل فيض آباد انٽرچينج کولڻ جو فيصلو

418090_3594238_updates

(ويب ڊيسڪ) مذهبي جماعت جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ڳنڍيندڙ فيض آباد انٽرچينج کي 6 ڏينهن اڳ بند ڪيو ويو هو

انتظاميا فيض آباد انٽرچينج تان ڪنٽينر هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته فيض احمد فيض اسٽيشن کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس پڻ بحال ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف ٽرانسپورٽ هب، هوٽل، هاسٽل، ريسٽورنٽ ۽ دڪان کولڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فيض آباد به مارڪيٽ کلڻ شروع ٿي وئي آهي.

ان دوران لاهور ۾، اورنج لائن، اسپيڊو بس ۽ ميٽروبس سروسز پڻ 5 ڏينهن بعد بحال ڪيون ويون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *