خانپورمهر ڀرسان نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر جي گهر تي هٿياربندن جو حملو، عورتون زخمي، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو
ڏهرڪي(اسٽاف رپورٽر: اسلم ڀٽو) ڳوٺ موالي خان شر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هٿياربندن مقامي صحافي شربت شر جي گهر تي حملو ڪري گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو.
صحافي شربت شر الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس گهر تي حملو سندس ڀائرن اصغر شر ۽ عباس شر وارن ڪيو آهي، جن هٿيارن سان گهر ۾ داخل ٿي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪيو.
هن چيو ته منهنجي گهر تي حملي دوران عورتن کي زخمي ڪيو ويو آهي، مان اعلى اختيارين کان مطالبو ڪريان ٿو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هوڏانهن اهڙي واقعي تي صحافي برادري سخت ردعمل جو اظهار ڪندي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته جيڪڏهن اهڙن حملن جا جوابدار آزاد گهمندا رهيا ته صحافين لاءِ ڪم ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندو، گهوٽڪي ضلعي ۾ صحافتي آزادي تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
صحافين ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن
