شاهه لطيف يونيورسٽي پاران 3 سالن کان ڊيوٽي بل ادا نه ڪرڻ خلاف سپلا اڳواڻن جو احتجاج، احتجاجي تحريڪ جو اشارو

WhatsApp Image 2025-10-14 at 16.05.26_6122e86c

رتوديرو (رپورٽ: احسان بوزدار) سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) سکر ريجن پاران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪاليجي استادن جي ڊيوٽين جا بل گذريل ٽن سالن کان ادا ناهن ڪيا ويا، جيڪو انتهائي افسوسناڪ، غير منصفاڻو ۽ تعليم دشمن عمل آهي.

سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر ملھار سنڌي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر غفران الله بلوچ ۽ مرڪزي اڳواڻن پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر لعل بخش سوھو سميت ٻين اڳواڻن پنهنجي گڏيل پريس بيان ذريعي چيو آهي ته:

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا 2021، 2022، ۽ 2023 جي امتحاني ڊيوٽين، ڪيميڪل چارجز، اسيسمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل مدن جا بل اڃا تائين ادا ناهن ڪيا، جنهن سبب ڪاليجي استادن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته لڳ ڀڳ 2 ارب رپيا يونيورسٽي کي ڪاليجن مان داخلا ۽ امتحاني فارمن جي مد ۾ حاصل ٿيا، جڏهن ته استادن جي بلن جي رقم صرف 5 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪا ٽن سالن کان رهيل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *