لاهور ٽيسٽ: پاڪستان جي بيٽنگ 167 تي ڍير، ڏکڻ آفريڪا کي فتح لاءِ 277 رنسن جو هدف
(ويب ڊيسڪ) اوپنر امام الحق جنهن پهرين اننگز ۾ 93 رنسون جي اننگ کيڏي هئي ٻي اننگ ۾ اسٽمپ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود صرف 7 رنسون ٺاهي سگهيو.
پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 64 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي ۽ عبدالله شفيق 41 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته بابر اعظم 42 رنس اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو. آغا سلمان 4، نعمان علي 11، ساجد خان هڪ رنسون ٺاهيون ۽ پوري ٽيم 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا کي پاڪستان خلاف لاهور ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 277 رنسن جو هدف ڏنو ويو آهي.
