ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 55 سئو رپيا اضافو، في تولو سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو
(ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان صرافه جيولرز اينڊ ايسوسيئيشن موجب في تولو سون جي قيمت ۾ 5,500 رپيا واڌ ٿي آهي، ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 4 لک 28 هزار 2 سئو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون جي قيمت 4,715 رپيا واد ٿي آهي جنهن بعد 10 گرام سون جي قيمت 3 لک 67 هزار 112 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 55 ڊالر وڌي 4,071 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.
