وزيراعظم شهباز شريف غزه امن معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ مصر پهچي ويو
(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ غزه امن معاهدي تي صحيحيون ڪرڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم پاڪستان جو هوائي اڏي تي مصري وزير ڊاڪٽر اشرف صوبهي استقبال ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ وفد جو حصو آهن.
وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو اڄ صبح شرم الشيخ ۾ تاريخي غزه امن منصوبي جي صحيون ڪرڻ واري ۾ شرڪت لاءِ مصر پهتو آهي، غزه امن منصوبو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي طرف هڪ اهم قدم آهي. اسان پنهنجي ساٿي ميزبانن، صدر السيسي ۽ صدر ٽرمپ جا شڪرگذار آهيون.
