ترڪش سيريز ڪورولوس عثمان کان متاثر ٿي اسڪاٽش عورت اسلام قبول ڪري ورتو
(ويب ڊيسڪ) اسڪاٽلينڊ جي عورت جوليتا لورينا مارٽينز عثماني سلطنت تي ٻڌل مشهور ترڪي سيريز ارطغرل غازي جو سيڪوئل ڪورولوس عثمان ڏسڻ بعد اسلام قبول ڪيو آهي.
ترڪ پراڊڪشن ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوليتا لورينا مارٽينز ڪورولوش عثمان سيريز کان متاثر هئي جوليتا اسلامي تعليمات تي تحقيق ڪئي ۽ آخرڪار اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي وئي.
ترڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي جوليتا چيو ته مون ڪورونا لاڪ ڊائون دوران ترڪي ٽي وي سيريز ڏسڻ شروع ڪئي. ٽي وي سيريز جي ڪري مون کي اسلامي تعليمات بابت سکڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ڪلمه شهادت جي تلاوت ڪندي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيس.
