پاڪستان فيصلو ڪيو آهي جتان دهشتگردي شروع ٿيندي ان کي تباهه ڪنداسين: رانا ثناءُ الله

417970_3999407_updates

(ويب ڊيسڪ) خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو ته افغانستان کي بار بار خبردار ڪيو ويو ۽ آخري وارننگ بنون حملي کان 3 هفتا اڳ ڏني هئي، هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ فوج فيصلو ڪيو آهي ته جنهن هنڌ کان دهشتگردي ٿيندي ان کي تباهه ڪيو ويندو.

رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته افغانستان کي بار بار خبردار ڪيو ويو ۽ آخري وارننگ 3 هفتا اڳ بنون حملي کان پوءِ ڏني وئي هئي، چيو ويو هو ته هاڻي توهان فيصلو ڪريو ته توهان دهشتگردن سان گڏ بيٺا آهيو يا پاڪستان سان گڏ بيٺا آهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *