پهريون ٽيسٽ، ٻيون ڏينهن! قومي ٽيم 378 تي مجموعي اسڪور تي آل آئوٽ

417976_8749350_updates

(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻين ڏينهن تي قومي ٽيم 378 تي آل آئوٽ ٿي وئي آهي

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٻين ڏينهن تي پاڪستان اننگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسن کان شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ محمد رضوان 62 ۽ سلمان علي آغا 52 رنسن تي هئا.

محمد رضوان 362 جي مجموعي اسڪور تي 75 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جنهن کان پوءِ نعمان علي ۽ ساجد خان به هڪ ئي اوور ۾ پنهنجا کاتا کولڻ کانسواءِ پويلين واپس موٽي ويا.

سلمان علي آغا نروس نائنٽيز جو شڪار ٿيو ۽ 93 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ڏکڻ آفريڪا لاءِ، متوسامي 6 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته پرينيلان سبرين ٻه وڪيٽون ورتيون. ڪگيسو ربادا ۽ سائمن هارمر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *