ڪنڊيارو: اسپتال روڊ تان ميڊيڪل اسٽور مان لکين رپين جي چوري
ڪنڊيارو (رپورٽ: عبدالوحيد چنا) شھر جي اسپتال روڊ تي واقع عزيز ميڊيڪل اسٽور مان گذريل رات نامعلوم چور ميڊيڪل اسٽور جي ڇت ٽوڙي گِرل ڪٽي مبينا طور 27 لک کان وڌيڪ نقد رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا.
اسٽور مالڪ جو چوڻ آهي ته نامعلوم چور دڪان جي پويان لڳل گِرل ڪٽي اندر آيا ۽ اسٽور ۾ رکيل 27 لک کان وڌيڪ نقد رقم کڻي ويا آھن ميڊيڪل اسٽور مالڪ مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي .
ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد نبي کچي جاءِ واردات تي پھچي جائزو وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايس ايڇ او موجب هڪ ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻين ثبوتن جي مدد سان ڪارروائي ڪري رهي آهي.
ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ متاثر اسٽور مالڪ جي چوري ٿيل رقم رڪور ڪرائي انصاف فراهم ڪيو ويندو.
