وومينز ورلڊ ڪپ: آسٽريليا ڀارت کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
(ويب ڊيسڪ) ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي 330 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا هڪ اوور پهرين 331 رنسن جو هدف حاصل ڪري ورتو، ڪپتان اليسا هيلي 142 رنسون ٺاهي شاندار بيٽنگ ڪئي، پيري ناقابل شڪست 47 رنسون ٺاهيون.
ڀارت لاءِ شري 3، امنجوت ڪور ۽ ديپتي شرما 2-2 وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهي، انگلينڊ ٻين ۽ ڀارت ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته قومي ٽيم مسلسل ٽئي هارائڻ بعد آخري نمبر تي آهي، قومي ٽيم جا 4 مئچ بقايا رهن ٿا
