وزيراعليٰ ڪي پي علي امين جي استعيفيٰ تي دستخط ۾ فرق! گورنر اعتراض اٿاري ڇڏيا
(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور کي خط لکيو آهي ته گورنر هائوس کي مختلف دستخطن سان ٻه استعيفائون موصول ٿيون آهن.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور کي 15 آڪٽوبر تي 3 وڳي گورنر هائوس ۾ استعيفائن جي تصديق ڪرڻ لاءِ پيش ٿيڻ گهرجي، آئين موجب استعيفائن جي تصديق ڪئي ويندي.
هوڏانهن علي امين گنڊاپور تصديق ڪئي آهي ته ٻئي استعيفائون منهنجي طرفان دستخط ٿيل آهن، گورنر هائوس 8 آڪٽوبر تي مليل استعيفيٰ قبول ڪري ورتي آهي.
