پاڪ افغان ڇڪتاڻ سبب طورخم بارڊر ٻنهي طرفن کان تجارتي سرگرمين لاءِ معطل
(ويب ڊيسڪ) ذريعن جو چوڻ آهي ته طورخم سرحد جي بندش سان ٻنهي پاسن کان هر قسم جي ٽرئفڪ ۽ پيادل آمدورفت بند ٿي وئي آهي، سڀني مال گاڏين کي لنڊي ڪوتل منتقل ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني فوج گذريل ڏينهن افغانستان جي جارحيت جو سخت جواب ڏنو ۽ افغانستان ۾ ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ڪيترائي افغان فوجي پڻ مارجي ويا آهن.
