ڪراچي: سنڌ حڪومت هڪ مهيني لاءِ صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽ: باقر حسين سمون ) سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 تحت اجتماعن، جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت صوبي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏڻ تي نه پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ قلم 144 آءِ جي سنڌ جي درخواست تي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ هي قدم امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي.
