ميهڙ: اسسٽنٽ ڪمشنر غلام فاطمه گَھَلو پاران صبح سوير اوچتو سبزي منڊي جو دورو

Screenshot (3)

ميهڙ (رپورٽ ساحل ارشاد سومرو ) اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ غلام فاطمه سبزين جي اگهن ، وزن ۽ معيار جو جائزو ورتو ۽  مارڪيٽ ۾ موجود واپارين خريد ڪندڙن سان بہ ملاقات ڪري مارڪيٽ جي صورتحال بابت معلومات حاصل ڪئي

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ غلام فاطمه گَھَلو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته عام واهپي جي شين ، سبزي فروٽ جي اگھن ۾ واڌ ۽ عوامي شڪايتن بعد سبزي منڊي پھچي جائزو ورتو آھي مارڪيٽ ، دڪانن تي سبزين جي اگهن جي لسٽ چيڪ ڪئي وزن ۽ معيار جو به جائزو ورتو آھي

ھن چيو ته سرڪاري اگهن کان وڌيڪ قيمتن تي وڪري جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي هن چيو ته روزاني بنيادن تي اگهن جي نگراني جاري رکي ويندي ته جيئن عوام کي مناسب اگهن تي تازيون سبزيون ۽ ميوا مهيا ٿي سگهن

ھن چيو ته مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته نيلامي جو عمل شفاف طريقي سان جاري رکيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي منافع خوري يا غيرقانوني عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو

ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار آصف علي تنيو ، مارڪيٽ ڪاميٽي جي انسپيڪٽر گلزار احمد مگسي ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ ھئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *