ڏوڪري: يوسي وڪڙو جي مختلف علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ويو
ڏوڪري (رپورٽ: بابر ٻگهيو) يونين ڪائونسل وڪڙو ۾ علائقي جي صحت جي بهتري، مليريا ۽ ٻين وبائي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وڏي پيماني تي مڇرمار اسپري مهم ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي.
مهم جي اڳواڻي يوسي چيئرمين شڪيل احمد سولنگي ڪئي، مختلف ڳوٺن ڳوٺ ڌڻي بخش جوڻيجو، وابڊاه ڪالوني، ٻگھيا ڪالوني، وڪڙو، ڳوٺ بينظير ڪالوني جوڳي محلاه باگڙي محلا ڳوٺ شيئر محمد جوڻيجو، ڳوٺ جوڻيجو مڳياڻي، چنا، موچي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪئي وئي.
مهم ۾ يوسي عملي ۽ رضاڪارن احسان سومرو، پون ڪمار ۽ ٻين حصو ورتو، جن ڳوٺن جي گهٽين، نالن ۽ اڻ وڻندڙ هنڌن تي مڇر مار اسپري ڪئي
ان موقعي تي چيئرمين شڪيل احمد سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو علائقي جي ماڻهن جي صحت جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، مليريا ۽ ٻين وبائي بيمارين کان بچاءَ لاءِ اهڙيون مهمون باقاعدي طور تي جاري رهنديون، جيئن هر شهري صحتمند ۽ محفوظ ماحول مان فائدو وٺي سگهي.
