لاهور: پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان پاران سائوٿ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو
(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو ته هو هوم ڪنڊيشن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندو، جڏهن ته پروٽيز ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو ته اسان اهڙين حالتن ۾ ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اسان پاڪستان کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پاڪستاني ٽيم ۾ (ڪپتان) شان مسعود، بابر اعظم، (وڪيٽ ڪيپر) محمد رضوان، امام الحق، عبدالله شفيق، شاهين آفريدي، نعمان علي، سعود شڪيل، سلمان علي آغا، ساجد خان ۽ حسن علي شامل آهن.
