ڊي آءِ خان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو، 5 دهشتگرد مارجي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 7 اهلڪار شهيد

02-40

(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز آپريشن بعد ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول تي دهشتگردي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب، دهشتگردن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، پر پوليس اهلڪارن بهادري سان مقابلو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ هڪ خودڪش بمبار سميت 5 حملا آور مارجي ويا.

جوابي ڪاروائي دوران ست پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب، آپريشن رات دير سان مڪمل ڪيو ويو، آپريشن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن گڏيل طور تي حصو ورتو.

ڊي پي او ڊيرا اسماعيل خان موجب، جوابي فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو.

ڊي پي او چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن. سيڪيورٽي فورسز ٽريننگ سينٽر ۽ آس پاس جي علائقن کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *