باڊهه: ايس يو پي پاران هارين ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف احتجاج

Annotation 2025-10-11 180446

باڊهه (رپورٽ: رفيق احمد ميراڻي) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي باڊهه پاران هارين ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ٽائون هال کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي مير مرتضىٰ گوپانگ، محمد صالح جوڻيجو، لالا عبدالغفور ساريو ۽ نويد علي ڪانڌڙو ڪئي.

ريلي ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ايس يو پي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي “سارين جا اگهه وڌايو” ۽ “هارين ۽ آبادگارن سان ظلم بند ڪيو” جا نعرا لکيل هئا.

احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هارين ۽ آبادگارن 6 مهينا محنت ڪري مهانگا ڀاڻ ۽ ٻج استعمال ڪري فصل تيار ڪيو آهي، پر حڪومت سارين جا اگهه گهٽائي ڇڏيا آهن. هنن الزام هنيو ته منافعي خور ڪارخانيدار في مڻ تي هڪ ڪلو ساريون ڪٽوتي ڪري هارين جو معاشي استحصال ڪري رهيا آهن.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مناسب اگهه نه ملڻ سبب هارين ۽ آبادگارن جو خرچ به نٿو نڪري سگهي، جنهن سبب سندن معاشي قتلام ٿي رهيو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سارين جا اگهه وڌايا وڃن ۽ هارين آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *