سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي
( نمائندن وٽان ) ميرپور ماٿيلو ۽ ڀرپاسي ۾ چھلم امام حسين عليه السلام وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي چھلم جو مرڪزي ماتمي جلوس پڙ باقر شاهه کان امام بارگاهه حسينيه تان برآمد ٿيو
هالا ۾ مخدوم غلام حسين عزاءَ خانه جعفريه امام بارگاهه تان مشي قافلو برآمد ڪيو ويو مشي قافلي ۾ مرد مومنن سان گڏ عورتن جو وڏو انگ شامل، معصوم ٻارڙا ۽ ضعيف مومن پڻ موجود
دريا خان مري ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي جي موقعي تي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل، رڪشه ۽ ٽريڪٽر ٽرالي تي مومن ٻانڌي لاءِ روانا ٿيا
اوٻاوڙو شهر جي ننڍن وڏن پڙن پير پلڻ امام بخاري، پير حيدر شاهه، پير لال شاهه، مٽرڪوٽ، لانگهو سميت ٻين پڙن تان ماتمي جلوس برآمد ٿيا جيڪي حسيني امام بارگاهه ريتي روڊ تي پهچي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيا
ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي جا اتنظام پوليس ۽ رينجرز حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي ٿڌي ۽ مٺي پاڻي جا سبيل پڻ لڳايا ويا، هر پاسي ياحسين جون صدائون بلند
