بلاول وفاق کان نئين اين ايف سي ايوارڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

010752496b3afa2

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو حڪومت کان نئون نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پهريون ڀيرو حيدرآباد کي تيزي سان ترقي ڪندي ڏسي رهيو آهيان، رنگ روڊ سميت مختلف منصوبا جاري آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ ايئرپورٽ به هئڻ گهرجي، وزيراعظم کي چوندس ته اهو تحفو حيدرآباد کي ڏين.
هن چيو ته 26 هين ترميم تي تاريخي ڪاميابي ڪنهن مخصوص دور لاءِ نه پر هميشه لاءِ آهي، 27 هين ترميم هوائي فائر هوائي ڳالهه آهي، توهان کان ئي ٻڌي رهيو آهيان، حڪومت طرفان اڃا تائين اسان سان 27 هين ترميم لاءِ رابطو نه ڪيو ويو آهي.
پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان فوري طور تي اين ايف سي جو اجلاس سڏائي نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان صوبائي حڪومتن کي ذميواريون ڏياريون، پر اين ايف سي ايوارڊ اڃا به ساڳيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *