ترڪي سميت مختلف ملڪن ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج، غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو

412122_2731021_updates

( ويب ڊيسڪ ) غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاج ڪيا پيا وڃن. ترڪي جي شهر استنبول ۾ هزارين ماڻهن اسرائيل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

هوڏانهن چلي جي گادي واري هنڌ سينٽياگو ۾ غزه ۾ جبري ڏڪار خلاف هٿن ۾ خالي ٿانوَ کڻي احتجاجي مارچ ڪيو ويو، جڏهن ته ارجنٽائن ۾ به فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ريلي ڪڍي وئي  ۽ گادي واري هنڌ بيونس آئرس ۾ سوين ماڻهن غزه ۾ جاري نسل ڪشي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو.

ٻئي طرف اسرائيلي شهر تل ابيب ۾ يرغمالين جي خاندانن 17 آگسٽ تي ملڪ گير هڙتال جو سڏ ڏنو، جنهن ۾ نيتن ياهو حڪومت کان غزه جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *