ڀارتي رانديگر ورات ڪوهلي جي نئين تصوير تي مداح دنگ رهجي ويا
لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوھلي جي نئين تصوير سوشل ميڊيا تي مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
ڀارتي اسٽار ڪرڪيٽر 36 ورهين جي عمر ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان رٽائر ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين ڀارت جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو آهي.
هن آخري ڀيرو هلندڙ سال چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس ٽيم فاتح رهي هئي.
پر هاڻ ويرات ڪوهلي جي تازي تصوير سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن سندس چاهيندڙن جي ذهن ۾ ڪيئي سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن.
