ٻين ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز پاڪستان کي برسات کان متاثره ٻئين ون ڊي ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي.
3 ميچن جي ون ڊي سيريز جو ٻيون ميچ ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ٻين ون ڊي ۾ قومي ٽيم ۾ ٽئي تبديليون ڪيون ويون، حسن علي، محمد نواز ۽ محمد ابرار کي شامل ڪيو ويو، جڏهن ته فهيم اشرف، سفيان مقيم ۽ نسيم شاهه کي اڄ جي پليئنگ اليون ۾ شامل نه ڪيو ويو.
پاڪستان جي اننگز دوران ميچ کي ٽئي ڀيرا برسات سبب روڪيو ويو ۽ اننگز کي 37 اوورن تائين محدود ڪيو ويو. برسات کان متاثره ميچ ۾ قومي ٽيم مقرر 37 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون.
جڏهن ته ڊڪ ورٿ-لوئس طريقي تحت ويسٽ انڊيز کي 35 اوورن ۾ 181 رنسن جو هدف ڏنو ويو. ويسٽ انڊيز پاڪستان جي 181 رنسن جو هدف آساني سان 34 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
