پي ايس ايل راند جي معيار ۾ بِگ بيش کي مات ڏئي ڇڏي، دنيا جي ٻي بهترين ليگ قرار
( ويب ڊيسڪ ) بي بي سي جي رپورٽ موجب، پي ايس ايل ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جو بهترين توازن، سخت مقابلا شوقينن جون دليون کٽي رهيا آهن، پي ايس ايل تفريحي انڊيڪس ۾ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي، دي هنڊريڊ، سي پي ايل ۽ بِگ بيش کي پوئتي ڇڏي ڏنو. بي بي سي رپورٽ موجب، دنيا جي سڀ کان بهترين ليگز ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) پهرين نمبر تي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ايس ايل ۾ پهرين اننگز جو سراسري اسڪور 180 رنسون آهي، جيڪو دنيا جي سمورين ليگز ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پي ايس ايل ۾ 27.5 سيڪڙو ميچن جو فيصلو آخري اوور ۾ ٿيو، جڏهن ته آءِ پي ايل جي 28.9 سيڪڙو ميچن جو فيصلو آخري اوور ۾ ٿيو.
رپورٽ موجب، في ميچ سڀ کان وڌيڪ چوڪن جي ايوريج پي ايس ايل ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان سپر ليگ ۾ في ميچ 30 چوڪا ۽ 14 ڇڪا لڳائڻ جي ايوريج آهي، جڏهن ته آءِ پي ايل ۽ سي پي ايل ۾ في ميچ 15 ڇڪن جي ايوريج آهي. رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو ته پي ايس ايل جي رانديگرن جي ايوريج انٽرنيشنل ڪيپس 351 جيڪا سڀني ليگن ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي جي ايوريج انٽرنيشنل ڪيپس 423 ۽ آءِ پي ايل ۾ 335 آهي.
ان کانسواءِ پي ايس ايل معيار ۽ دلچسپي ۾ بِگ بيش کي گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي.
تفريحي انڊيڪس جي 5 اهم ميٽرڪس ۾ پي ايس ايل دنيا جي ٻيو نمبر بهترين ايوريج رکندڙ ليگ آهي. پي ايس ايل دنيا جي اهڙين آڱرين ڳڻڻ جيترين ليگز منجهان هڪ آهي، جتي دنيا جا سپر اسٽارز ايڪشن ۾ نظر ايندا آهن
