خيرپور: وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائڪل ڦر جي ڪوشش، مذاحمت تي هڪ ڄڻو زخمي
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) خيرپور ۾ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي ڦورن موٽر سائيڪل سوار کي گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان جي دوست ٻن ڦورن کي سوگھو ڪري ورتو
ٽڳڙ ڳوٺ لڳ سولنگي برادري جا نوجوان موٽرسائيڪل تي اچي رھيا ھئا ته ڦورن رستو روڪي کانئن موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ سولنگي برادري جي ھڪ نوجوان سلمان سولنگي طرفان مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن سبب گوليون لڳڻ سبب سلمان سولنگي زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو
واقعي بعد حد جي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد پڪڙيل ڦورو کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو، پوليس حوالي ڪيل ڦورن جو تعلق ٽڳڙ برادري سان ٻڌايو پيو وڃي
