سجاول: اديب ۽ شاعر سورج سجاولي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

Snapshot

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) اديب ۽ شاعر سجاول ضلعي جي صحافتي سرواڻ سياسي سماجي اڳواڻ سورج  سجاولي جي چوٿين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ان موقعي تي سندس آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ دعا گهري وئي. جڏھن ته سرويچ نگر ۾ قرآن خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو

جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن، ادبين، صحافين ۽ ٻين سورج سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو تاريخ جو وڏو نالو هو، جيڪو هميشه مظلومن جو آواز بڻيو، سندس خدمتن جي بدولت اڄ به سڄي سنڌ کيس ياد ڪري ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *