ٺل ۾ معصوم نينگر مبينا ايمبولينس نه ملڻ ڪري اسپتال ۾ فوت

Snapshot_4

ٺل ( رپورٽ: سلطان ڀٽي ) ڳوٺ گل حسن ٻرڙو جي رهواسي هڪ سال جي معصوم نينگر صالح پٽ ظفر ٻرڙو کي جهٽڪي جي علاج لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو

جتان ڊاڪٽرن نينگر کي وڌيڪ علاج لاءِ ريفر ڪيو ويو پر نينگر کي سرڪاري اسپتال مان ايمبولينس مهيا نه ڪئي وئي ۽ معصوم نينگر اسپتال ۾ ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو

فوتي معصوم نينگر جي وارثن نينگر جو مڙهه تعلقه اسپتال جي گيٽ آڏو رکي اسپتال انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي فوتي نينگر جي پيءَ ظفر ٻرڙو جو چوڻ هو ته پٽ کي جهٽڪي جي بيماري سبب اسپتال کڻائي آياسون جتي فرسٽيڊ ڪري ريفر ڪيو ويو پر ايمبوليس نه ملڻ ڪري اسان جو ٻار تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، اسپتال انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

هوڏانهن تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالرشيد نوناري ٻڌايو ته اسان وٽ نينگر کڻي آيا جنهن جو علاج ڪيو پر حالت نازڪ هجڻ ڪري ريفر ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *