خيرپور: مبينا پوليس ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي امڙ پاران پوليس مقابلو جڙتو قرار
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس طرفان هڪ هفتو اڳ مبينا مقابلي ۾ ھاف فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو، منهنجو پٽ خيرپور جي عدالت مان پيشي تان واپس اچي رهيو هو ته پوليس کيس کنڀي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو: مسمات لطيفان چنو
ان ڏس ۾ پيرسن عورت مسمات لطيفان چنو خيرپور ۾ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس منهنجي پٽ محمد موسا چنو کي بنا جواز کنڀي بعد ۾ جڙتو مقابلو ڏيکاري ھاف فراءِ ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي جيڪو سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي
هن چيو ته سندس پٽ موسا چنو ڪوٽ بنگلو ۾ مٺائي جي دڪان تي بيٺل آهي مائٽن سان جهيڙي جي ڪيس ۾ خيرپور جي عدالت مان حاضري کائي واپس اچي رهيو هو ته پوليس کيس رستي مان کنڀي بعد ۾ جعلي مقابلو ڏيکاري ظلم ڪيو آهي
ھن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ پوليس طرفان هڪ ئي وقت ٽن ڄڻن مبارڪ چنو، موسا چنو ۽ نعيم چنو کي پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جن جي وارثن طرفان مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
