باڊهه: قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج
باڊهه ( رپورٽ: رفيق ميراڻي ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھه تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف باڊهه ۾ به ڪارڪنن پاران ٽائون هال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ضلعي صدر سڪندر لاشاري، عبدالوحيد ڪانڌڙو، جميل لاڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھه ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي ھجڻ باوجود بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، سميت سڄي سنڌ ۾ پڇڙي جي آبادگارن کي اڃا تائين پاڻي نٿو ڏنو وڃي.
وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي، پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي، 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن، ارسا ۽ واپڊا سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آھن.
هنن وڌيڪ چيو ته اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي، باقي سنڌ به ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي، نوڪريون ۽ ڊگريون وڪامن ٿيون.
هنن مطالبو ڪندي چيو ته پڇاڙي جي آبادگارن تائين في الفور پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ميرٽ جي لتاڙ بند ڪري حقدار نوجوانن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن، امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي بند ڪري سنڌي قوم ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
