ٺل: ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ 2 ڏوهاري ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي، ڪيس داخل
ٺل ( رپورٽ: سلطان ڀٽي ) ٺل پوليس پاران ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن
ٻنهي پوليس مقابلن ۾ ٻنهي جوابدارن کي پنهنجي ئي ساٿين جي گولي ٻنهي کي سڄي جنگهه ۾ لڳڻ جو ڪيس ۾ ذڪر ڪيو ويو
اي سيڪشن پوليس اي ايس آئي محمد خان جي فرياد تي زخمي جوابدار آصف جکراڻي سميت 4 جوابدارن تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿيو ڏوهارين جي ئي گولي ۾ سندن ساٿي آصف جکراڻي زخمي ٿي پيو
بي سيڪشن ٿاڻي تي باگڙ لاڙي وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل فياض جکراڻي واري واقعي جو ڪيس چئن جوابدارن تي داخل ڪيو ويو
اي ايس آءِ نائب خان چنو جي فرياد تي زخمي جوابدار فياض جکراڻي سميت 4 جوابدارن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار فياض جکراڻي پنهنجي ئي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو
پوليس مقابلن ۾ فياض جکراڻي کان بندوق ۽ آصف جکراڻي کان پسٽل هٿ ڪيو ويو
