ميرپورماٿيلو: واپڊه جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-08-27 at 15.28.54_e17f3d2a

ميرپورماٿيلو  ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) وابڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ يونين طرفان واپڊا جي نجڪاري خلاف چيئرمين سليم سميجو، سب ڊويزن چيئرمين بشير احمد ڪورائي، مظفر سومرو  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، واپڊا ملازمن آفيسن جي تالابندي پڻ ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته واپڊا ملازم وفاقي پاليسين سبب تمام گھڻو پريشان آهن، وري وري واپڊا کي خانگائڻ جي ڳالھه ڪرڻ سان ملازمن جي دلين ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي، ھنن چيو ته واپڊا کي خانگائڻ سان لکين خاندان متاثر ٿيندا، جنھن ڪري حڪومت کي گھرجي ته اھو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي، ھنن حڪومت جي اھڙي عمل خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *