نوشهروفيروز لڳ آئيس جي موالين نينگر کي مبينا اجتماعي بدفعلي بعد آري بليڊ سان ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڇڏيو

Snapshot

نوشهروفيروز (رپورٽر) ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي نينگر خميسو وڳڻ ڳترا ڳترا ڪيل لاش روھڙي ڪئنال جي نوشھرو فيروز ريگيوليٽر ڀرسان ھٿ آيو، لاش سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

نينگر کي آئيس نشي جي عادي جوابدارن منور مغل ۽ عثمان مغل ورغلائي اڻ ڄاتل جڳھه تي وٺي ويا، جتي نينگر سان جنسي زيادتي بعد کيس آري بليڊ سان جسم تي جھير ڏئي انتھائي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ لاش اڇلائي ڇڏيو.

نينگر جي والد عبدالغفار وڳڻ تي پوليس ٻن ڄاتل ۽ ھڪ اڻ ڄاتل جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو آھي. ڪيس ۾ اغوا، قتل، جنسي زيادتي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا آھن. ھوڏانھن پوليس دعوا ڪئي آھي ته نينگر کي قتل ڪندڙ ھڪ جوابدار منور مغل پوليس مقابلي مارجي ويو آھي.

پوليس موجب پوليس پارٽي گشت تي ھئي ته پڊعيدن روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جڏھن ته جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏھن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا.

ٻئي پاسي نينگر جي قتل واري واقعي سبب علائقي ۾ ڏک واري لھر ڊوڙي وئي ۽ نينگر جي گھر ۾ ماتم برپا ٿي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *